سيد قلندر شاهه لڪياري

سيد قلندر شاهه لڪياري

قلندر شاهه لڪياري

قلندر شاھه لڪياري: مشھور اديب، شاعر ۽ تعليمي ماھر، پروفيسر سيد قلندر شاهه ولد علي ڏنو شاهه لڪياري، پھرين مئي 1940ع تي ڳوٺ احمد ککر، تعلقي بلڙي شاھھ ڪريم، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم ڳوٺ احمد ککر، بلڙي شاهه ڪريم ۽ ميرپور بٺوري مان حاصل ڪئي، جنھن بعد چانڊيا ھاءِ اسڪول سجاول مان مئٽرڪ ۽ 1969ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪئي. ان کانسواءِ ھن انگلش لئنگئيج ٽيچنگ ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما، بي. ايڊ ۽ لائبرري سائنس ۾ ڊپلوما پڻ ڪئي. عملي زندگيءَ جي شروعات پرائمري استاد طور 1962ع ۾ ڪئي. ايم. اي ڪرڻ بعد جنوري 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو، جتان ترقي ڪندي شعبي جي پروفيسر ۽ چيئرمئن طور 2000ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. رٽائرمينٽ کانپوءِ ھن ايم. اي، ايم. فل ۽ ڪميشن جي تياري ڪندڙ شاگردن کي پڙھائڻ جو سلسلو جاري رکيو. سندس رھنمائيءَ ۾ ڪيترائي شاگرد ايم فل ۽ پي ايڇ. ڊي ڪري چڪا آھن. هن انگريزي ٻولي ۽ ادب تي ڪيترائي تحقيقي مقالا لکيا. ھن ’نائي نيڻ نھار‘ عنوان سان علامھ اقبال جي فارسي ڪلام جو سنڌي منظوم ترجمو پڻ ڪيو. ان کانسواءِ ھن آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس جون ھيٺيون ڊڪشنريون ايڊٽ ڪيون. (1) Oxford Elementary English- Sindhi Dictionary (2) Oxford English- Sindhi Dictionary. کيس انگريزي، سنڌي، اردو، ھندي، عربي، فارسي، پنجابي، سرائڪي، گجراتي ۽ ڪڇي کانسواءِ فرينچ ۽ روسي ٻولين تي بہ سٺي دسترس حاصل هئي. کيس موسيقي، تصوف، ائنٿراپالاجي، لسانيات ۽ ٻين علمن جو سٺو مطالعو ھو. علمي ادبي خدمتن جي مڃتا طور کيس سنڌ يونيورسٽيءَ پاران بھترين استاد جو ’چانسلرس گولڊ ميڊل‘ (1999ع)، صدارتي ‘حسن ڪارڪردگي اوارڊ’ (2013ع) ۽ ‘قلندر شھباز اوارڊ’ سميت ٻيا اوارڊ ۽ شيلڊون ڏنيون ويون. سندس ڪجھه شاگردن قاسم آباد، حيدرآباد ۾ ’سيد قلندر شاهه لڪياري انسٽيٽيوٽ‘ قائم ڪيو، جتي پاڻ بہ شاگردن کي انگريزيءَ جي تعليم ڏيندو رھيو. 4 ڊسمبر 2020ع تي گهڻو عرصو بيمار رھڻ بعد حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.05.01  عيسوي

ناميارو اديب، شاعر ۽ تعليمي ماهر، پروفيسر سيد قلندر شاهه ولد علي ڏنو شاهه لڪياري، پهرين مئي 1940ع تي ڳوٺ احمد ککر، تعلقي بلڙي شاهه ڪريم، ضلعي حيدرآباد (هاڻي ٽنڊي محمد خان) ۾ڄائو.


2020.12.04  عيسوي

سيد قلندر شاهه لڪياري 4 ڊسمبر 2020ع تي گھڻو عرصو بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسماعيل ميمڻ ڊاڪٽر
زرداري ڊاڪٽر محمد لائق
ديپچندر تلوڪچند چندر
چرنداس سهاڻي
بهادر ٽالپر
محمد حسين ڪروڙ پتي
چانڊيو امير احمد ’امير‘
زبير سومرو
چانڊيو عبدالحئي پروفيسر
ضياء شڪيل احمد
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون